اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن ??دم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جي ڪيسز جو انگ وڌ?? رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌ??ڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پوليو جي خاتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم جو قومي ??حت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي ??ابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي ??حت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صحت جي عالمي ??داري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيراعظم چيو ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي خاتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پوليو جي خاتمي وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي ??صيدارن جا ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم ??دم کنيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته صحت جي سمورن شعبن بشمول پوليو جي خاتمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي ??حت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخ?? تي قائم ڪري سگهجي ۽ بهتر نتيج?? حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پوليو کان وڌ??ڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌ??ڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌ?? رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌ??ڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن ??دم کنيا وڃن. وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي ??ي تازي مهم ۽ ان جي نتيج?? تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليو جي خاتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.