اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو?? هو ??اه??ه ۾ منعقد ٿيندڙ ??سر??دڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس کان اڳ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ڊسمبر تي ڊي ايٽ جي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بيان موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ جي ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهه اجلاس ۾ ??زي??اعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙپڪاري جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪرڻ، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندو. هو ڊي ايٽ جي نظرين جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندو. ??زي??اعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي ايٽ جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ??زي??اعظم فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي ??زي??اعظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.