راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪالهه پاڪ بحريه ج?? آپريشنل بيس اورماڙه جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دف??ع ۽ موجوده خطرن جي حوالي سان جامع آپريشنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ بحريه ج?? آپريشنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوزن جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ يونٽس ج?? آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دوران آپريشن تي??ري??َ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جوانن جي همٿ افزائي ج?? تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يونٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن جي بهترين استعمال کي يقيني بنائيندي جذبي ۽ لڳن سان مادرِ وطن جي دفاع کي يقيني بڻايو وڃي.