اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، م??رڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولت?? جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاي?? جي نشاندهي ۽ چيني صنعت?? جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سا?? جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي زونز لاءِ دستياب زمي?? جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولت?? جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃ??. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃ??، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهولت?? جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃ?? ۽ انه?? جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهري?? جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادار?? جي نمائندن شرڪت ڪئي.