رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. رياض ج?? نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي ??في??ر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي موجود ??ئا. وزيراعظم ??في?? جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وار?? وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وار?? وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن.