اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين آئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪر?? جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪر?? جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چي??رمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سمو??يو?? گئل??يو?? خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ??يا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ چي??رمين سيد يوسف رضا گيلاني 26 هين آئيني ترميم شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ??رميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چي??رمين بل جي شق واري منظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ??يا ويا، سينيٽ چي??رمين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ??يا ويا. سينيٽ چي??رمين آئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چي??رمين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.