اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چي?? آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پي ٽي آء?? پاران احتجاج جو اعلان رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آچر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آء?? جو احتجاج رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ جي ڌمڪي آهي جتي 200 وفد پاڪستان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته اها ڪانفرنس قوم لاءِ گهڻي اهم آهي ڇو ته ان تي ملڪي معيشت ۽ مستقبل جو انحصار آهي. طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آء?? بان?? تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آء?? پي قيدي آهي، جيل ۾ ملاقاتون ڪند?? آهي ۽ خصوصي مراعتون ب?? حاصل ڪند?? آهي.