اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ، پنجاب ال??ڪش?? ٽربيونلز جي معاملي تي محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنجاب ال??ڪش?? ٽربيونلز جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو 12 جون 2024ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ال??ڪش?? ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. پنجاب ال??ڪش?? ٽربيونلز جي معاملي تي چيف جس??س قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ڪيل فيصلو سومر ڏينهن عدالت ۾ پڙهي ٻُڌايو ۽ چيو ته اهو 5 رڪني بينچ جو گڏيل فيصلو آهي، جڏهن ته جس??س جمال خان مندوخيل ۽ جس??س عقيل عباسي جو اضافي نوٽ به شامل آهي. چيف جس??س قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ۾ جس??س امين ??لدين ??ان، جس??س جمال خان مندوخيل، جس??س نعيم اختر افغان ۽ جس??س عقيل احمد عباسي شامل هئا. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ گڏيل فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته جس??س جمال خان مندوخيل ۽ جس??س عقيل عباسي فيصلي سان اتفاق ڪندي اضافي نوٽ پڻ لکيو. سپريم ڪورٽ 12 جون وارو ججز ٽربيونل مقرري جو رجسٽرار هاءِ ڪورٽ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ جي چيف جس??س قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ال??ڪش?? ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪراءُ جڏهن آئيني ادارن وچ ۾ هجن ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، لاهور ڪورٽ جو فيصلو عدالتي ح??ال?? سان ڪنهن فورم تي پيش نٿو ڪري سگهجي. جس??س جمال خان مندوخيل پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته ايڪٽ جو س??ڪش?? 140 ال??ڪش?? ڪميشن کي ججز پينل طلب ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، پارليامينٽ جي ان قانون ۾ سوچ واضح آهي جڏهن ته پارليامينٽ ال??ڪش?? ڪميشن کي ججز جو پينل گُهرڻ ۽ انهن مان چونڊ ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو. اضافي نوٽ ۾ لکيو ته ال??ڪش?? ڪميشن کي هر جج تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، ال??ڪش?? ڪميشن هڪ ٽربيونل لاءِ هڪ ئي جج جي نالي جو مطالبو ڪري سگهي ٿي. ال??ڪش?? ڪميشن هڪ آئيني ادارو ۽ ججز آئيني عهديدار آهن، هر معاملي ۾ ال??ڪش?? ڪميشن ۽ ججن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي. جس??س جمال خان مندوخيل اضافي نوٽ ۾ لِکيو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جس??س ۽ ڪميشن جي مشاورت جو نتيجو اسان آڏو اتفاق جي صورت ۾ آيو. اميد آهي ته هاڻي ال??ڪش?? ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ قدم کڻندي ۽ اميد آهي ته ال??ڪش?? ٽربيونلز قانون جي ڏنل مهلت ۾ فيصلا ڪندا. سپريم ڪورٽ ڄاڻايل ڪيس جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو11 صفحن تي مشتمل آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ال??ڪش?? ڪميشن جي وڪيل مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ ال??ڪش?? ايڪٽ جي شقن جي غلط تشريح ڪئي، ال??ڪش?? ڪميشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ آئين ۾ ترميم کان اڳ عدالتي فيصلن تي ڀاڙيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ال??ڪش?? ڪميشن موجب چيف جس??س لاهور هاءِ ڪورٽ سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ چيف جس??س ۽ ال??ڪش?? ڪميشن وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته ال??ڪش?? ڪميشن ۽ چيف جس??س وچ ۾ معاملو حل ٿي ويو، ڪيس جي فيصلي جي ضرورت ناهي.