اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوابزاده نصرالله خ??ن مرحوم جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪري ڇڏي. صدر آصف علي زرداري نوابزاده نصرالله خ??ن مرحوم کي جمهوريت، اتحاد ۽ انصاف جي لاءِ اڻٿڪ لگن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (لاڏڻي کانپوءِ)، ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته اها ايو??رڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪري. صدر جو چوڻ هو ته نوابزاده نصرالله خان ناليوارو ۽ با??قا?? سياستدان هو. سندس ??ندگي جمهوريت جي ترقي ۽ پاڪستان جي سياسي سالميت جي لاءِ وقف هئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوابزاده نصرالله خان جي بي مثال ديانت، ڀائيچارو ۽ جمهوري قدر ايندڙ نسلن جي لاءِ حوصلا افزائي جو سبب هوندا. نوابزاده نصرالله خ??ن مرحوم جي سڀاڻي 27 سيپٽمبر تي 21 هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي.