اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي، ته مدرسن جي شاگردن کي جديد علم سان روشناس ڪرڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ اضافو ڪرڻ هڪ تمام وڏي قومي خدمت آهي، هن ۾ جيترو به گهڻو حصو وٺبو اهو اوترو ئي گهٽ محسوس ٿيندو، دين سان محبت ۽ ختم ??بوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي سان محبت پنهنجي مرحوم ڏاڏي ۽ اڳوڻ?? صدر جسٽس (ر) رفيق تارڙ کان حصي ۾ ملي جيڪو مرڻ تائين ختم ??بوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي تي قائم رهيو. نوجوان هن ملڪ جو سرمايو آهن، اس??ن جو مشن نوجوانن کي تعليم ڏيڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي قدم کڻي سگهجن ٿا اهي کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جامع دارالعلوم الاسلاميه لاهور ۾ هڪ ڏينهن واري تربيتي ويهڪ کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ته تقريب جي دعوت ڏيڻ تي عالمن سڳورن ۽ مفتي صاحبن جو ٿورائتو آهيان، اسلام آباد ۾ پارليامينٽ اجلاس سبب ان تقريب ۾ پاڻ حاضر ناهيان ٿي سگهيو، ان ڪري ويڊيو لنڪ ذريعي ئي شرڪت ڪري رهيو آهيان. جامع دارالعلوم الاسلاميه جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته منهنجي ڏاڏي مرحوم جو هن اداري سان تمام پراڻو تعلق آهي، منهنجي ڏاڏي مرحوم پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1953ع جي ختم ??بوت صلي الله عليه وسلم جن جي تحريڪ سان ڪئي، هن چيو ته منهنجي ڏاڏي سڄي عمر ختم ??بوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي لاءِ خدمتون انجام ڏنيون، اس??ن کي دين سان محبت ۽ ختم ??بوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي سان محبت وراثت ۾ ملي آهي. هن چيو قاري احمد ميان ٿانوي سان ڏهاڪا پراڻو تعلق آهي، سندس رهنمائي هميشه اس??ن سان گڏ رهي، دارالعلوم الاسلاميه ۾ تربيتي ويهڪ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته مدرسن جي شاگردن کي جديد علم سان روشناس ڪرائڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ اضافو ڪرڻ هڪ تمام وڏي قومي خدمت آهي. هن چيو ته دارالعلوم الاسلاميه پنهنجي مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان ڊ??ري??ن به متعارف ڪرايون جنهن تي هو مبارڪن جا مستحق آهن. هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن دنيا جا سائنسدان ۽ دانشور مسلمان ه??ا، اس??ن پنهنجي شاگردن کي مختلف شعبن ۾ ڊ??ري??ن ڏينداسين پوءِ هڪ وقت اهڙو به ايندو جو انهن ادارن مان سائنسدان، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نڪرندا. هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي، مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي جديد تعليم ڏيڻ تمام وڏو ڪم آهي.