اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڻي وسيلن و??ري وزارت قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو آهي ته ٽيلي ميٽري سسٽم نه هئڻ سبب صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملن تي خدشا ڏٺا وڃن ٿا، حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو هر صوبي جي پاڻي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن و??ري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي نيڪال ۾ واڌ ٿي رهي آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هاڻ ملڪ ۾ هيٽ ويو نظر نه اچي رهيو آهي، صرف گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پهرين اپريل تائين 19 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون ڪوٽڙيءَ تائين وڃي چڪو آهي. پنجاب ۾ واٽر ايڪٽ 2019ع منظور ڪيو ويو آهي، ان تحت واٽر اٿارٽي بڻجي چڪي آهي. ڪي پي ڪي واٽر ايڪٽ 2020ع بڻجي چڪو آهي، اتي اٿا??ٽي?? بڻجي رهيون آهن. بلوچستان ۾ 1973ع جو عمل لاڳو آهي، ان تحت زمين و??رو پاڻي ڪنٽرول ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اڃا تائين ان حوالي سا?? ڪو قانون منظور نه ٿي سگهيو. اسان ڪ??شش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ ۾ به قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان وٽ زمين و??ري پاڻي جي حوالي سا?? صورتحال بهتر ناهي. صوبن سا?? گڏجي زمين و??ري پاڻيءَ جي حوالي سا?? مسئلا حل ڪري رهيا آهيون. نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ خورشيد احمد جوڻيجو جي ضمني سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سنڌ جي هيٺاهين و??رن علائقن ۾ ئي ڊيمون ٺهنديون. سنڌ کي پاڻيءَ جو پورو حاصل ملي رهيو آهي. اتي ٽيلي ميٽري سسٽم ناهي لڳل. ان لاءِ صوبن وچ ۾ ان حوالي سا?? خدشا ڏٺا وڃن ٿا. ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي جيڪو هر صوبي جي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو.