اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پنجگور ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي ش??يد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي شهادت تي ش??يد ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ش??يد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ش??يد جي پونئيرن جي صبر ۽ همٿ جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.