اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏسڻ کان ??حروم شخص کي تاحيات پينشن جي ??دائيگي يقيني بنائي جنهن کي اي او بي آءِ ??نهنجي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ ??ينشن کان ??حروم ڪري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر چيو ته معذور شخص کي رياست پاران بي رحمي جي ??الت ۾ نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن هڪ معذور شخص کي نظرانداز ڪري وڏي بي حسي جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو به اهڙي وقت ۾ جڏهن سندس سمورا گهرڀاتي کيس بنا ڪنهن سهاري جي ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. صدر چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن محمد شهزاد کي والد جي پينشن جي ??دائيگي يقيني بڻائي. اي او بي آءِ ??يدائشي اکين کان ??حروم شخص جي پينشن ادائيگي جي ??رخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ کي رياست پاران بي رحماڻي حالت ۾ نٿو ڇڏي سگهجي، افسوس جو اي او بي آءِ ??عذور شخص سان سنگين بي حسي جو مظاهرو ڪيو، اي او بي آءِ اکين کان ??حروم شهري کي پنهنجي موجوده فنڊز ۾ پينشن ادا ڪري. محمد شهزاد (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي هئي، محمد افضل ظفر اي او بي آءِ جو اولڊ ايج پينشنر هو ۽ هو 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي والده پيءُ جي ??ندگي دوران ئي لاڏاڻو ڪري چڪي هئي. محمد شهزاد والد جي ”معذور قانوني وارث“طور تي پينشن جي لاءِ اي او بي آءِ کي درخواست ڪئي جڏهن ته اي او بي آءِ ??يدائشي اکين کان ??حروم شخص جي ??رخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. اي او بي آءِ ??وقف اختيار ڪيو هو ته رڳو 18 سالن کان گهٽ عمر جا مرد فيملي پينشن جي ??هل آهن جڏهن ته محمد شهزاد 44 سالن جو هو. وفاقي محتسب پاران شڪايت جي ??ڌي?? جاچ بند ٿيڻ کانپوءِ شهري صدر کي اپيل ڪئي هئي. صدر شڪايت ڪندڙ جي ??پيل منظور ڪندي اداري کي پينشن ادائيگي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئين جي ??وح موجب معذور شخص کي اهڙي پينشن کان ??حروم نه ٿو ڪري سگهجي، اکين کان ??حروم شهري پينشن حاصل ڪندڙ ڪنهن به شخص کان بهتر سلوڪ جو مستحق آهي. هن چيو ته اي او بي آءِ جي قانون تي نظرثاني ڪئي وڃي، وفاقي پاليسي موجب آندو وڃي.