اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان منڪ?? پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ منڪ?? پاڪس جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي منڪ?? پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، بارڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪ?? پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي حوالي سان روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ منڪ?? پاڪس جي جاچ جي حوالي سان سمورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، منڪ?? پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سان رابطا بهتر بڻائڻ ۽ منڪ?? پاڪس جي حوالي سان موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو منڪ?? پاڪس جي حوالي سان هفتيوار بريفنگ وٺندو، بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ضلع مردان جي هڪ شخص ۾ منڪ?? پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئ?? پاڪستان آيو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت منڪ?? پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگسٽ 2024ع تي منڪ?? پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان منڪ?? پاڪس جي حوالي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪ??ون ويون آهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون منڪ?? پاڪس جي حوالي سان آگاهي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منڪ?? پاڪس جي حوالي سان سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ اڏامن جي نگراني ڪ??دي. صوبائي حڪومتون گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سميت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا منڪ?? پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ??رڪ?? ڪئي.