اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم جي قانون ۽ ان??اف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. مودي سرڪار والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير جي اعليٰ حريت قيادت قيد ۾ آهي، ۽ ڪشميري نوجوان ڀارتي قابض فوج جي عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن. گذريل ڏينهن بئريسٽر عقيل ملڪ يوم استحصال جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري يوم استحصال ڀرپور ان??از سان ملهائي رهي آهي. هن چيو ته وز??را??ظم شهباز شريف اڄ جي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري جي پراسرار خاموشي تي سندن ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئ?? آهي. اڳوڻي حڪومت جتي سي پيڪ جهڙن منصوبن کي روڪيو، اتي ڪشمير جي مسئلي تي به خاموشي اختيار ڪئ??، والاريل ڪشمير ۾ ان??اني حقن جي صورتحال گذريل پنجن سالن م سنگين طور تي خراب ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي ڏاڍ کي بي نقاب ڪندو رهندو.