تهران – 30 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ تهران جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران صدر پيز شڪيان کي عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن نئين سياسي ??نت??اميا کي اق??دار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم نئين ايراني ??نت??اميا سان حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.