اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولا??ِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪار?? دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ??لاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان ج?? دور?? دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خا?? طور تي علائقائي ر??بط??، واپار، عوام سان عوام جي ر??بط?? ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان ج?? دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.