بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي پنجن ڏينهن جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني قيادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چين جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چين جي ناليواري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوبل ٽائيمز، چائنا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چائنا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چين جي سرڪا??ي نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنسي وزيراعظم ??و انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوبل ٽائيمز وزيراعظم ??و مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم ??ي چيني گادي واري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم ??هباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ??يانگ، نيش??ل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي، مختلف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چائنا بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽيليويزن تي وزيراعظم ??ي دوري جي مختلف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ??يانگ جي دعوت تي وزيراعظم ??هباز شريف 4 کان 8 جون دوران چين جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران هن چين جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.