اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي صدر ش?? جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ کانسواءِ زيان ۽ شين زن شهرن جو دورو پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ قيام دوران وزيراعظم صدر ش?? جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي ۽ اهم سرڪاري ادارن جي سربراهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جي دوري جو هڪ اهم رخ تيل ۽ گئس، توانائي، آءِ سي ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي اهم چيني ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شين زن ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن سان گڏ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندو. هو چين ۾ اقتصادي ۽ زرعي زونز جو دورو پڻ ڪندو. وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو ثبوت آهي جنهن جو خصوصيت ا??لي?? سطحي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه سان ٿيندي. دوري دوران ڌر??ون گهڻ رُخي موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ڌر??ون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي اڳتي وڌائڻ، سلامتي ۽ دفاع، توانائي، اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ت??لي?? ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ثقافتي تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏئي پاڪ چين دوستي جي مستقبل جو رخ طئي ڪري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪنديون.