اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي ??عبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين مُلڪن جي ??يڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ اقتصادي مشاورتي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ??يڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي جنهن جو واضح مثال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي. اجلاس کي معاشي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ٽئين ٽه ماهي ۾ زرعي شعبي ۾ واڌويجهه جي ??رح 6.25 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 2.27 سيڪڙو هئي، صنعتي شعبي ۽ سروس سيڪٽر ۾ پڻ واڌويجهه جي ??رح ۾ واضح اضافو ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جا اثر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪميٽي ميمبرن پاران معاشي بحالي ۽ مختلف شعبن جي ??والي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ضروري قدمن تي ٺوس ۽ مفصل سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي ??عبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معاشي صورتحال اڳ کان بهتر آهي، ملڪي ??عاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسعت جي لاءِ پهرين ڏينهن کان نجي ??عبي کي سهولت فراهم ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جي ??رح ۾ گهٽتائي اچي رهي آه??، گورننس جي ??ريعي مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي ??ڪومتي پاليسين تي اعتماد جي ??ڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين، عام ماڻهو تي ٽيڪس جي ??رح کي گهٽ ڪري ٽيڪس ڏيندڙن جي ??نگ ۾ اضافو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪي ??عيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، آبادگارن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن کي معياري ٻج ۽ وقت تي ڀاڻ فراهم ڪنداسين، زرعي پيداوار کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ وچولي ۽ ننڍي پئماني جي ??نعت کي فروغ ڏينداسين. وزيراعظم ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن جهانگير خان ترين، ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرنين، ڊاڪٽر اعجاز نبي، آصف پير، زيد بشير، سلمان احمد ۽ شهريار چشتي، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.