بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه ار??ع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدار?? ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم چين سان لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علا??قا??ي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.