اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پ??ڪستان هر ??حاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پ??ڪستان زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان زرعي پيداوار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي ڪ??ربند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي لاءِ اسان کي پنهنجي افرادي قوت کي بهترين فني تربيت ڏيڻي آهي، پ??ڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جا پلانٽ لڳائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي نمائندن جي وف?? وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد کي ڀليڪار چيو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر ??حاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پ??ڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي حوالي سان سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ان حوالي سان هڪ جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بي ٽو بي ٽرانزيڪشنز تحت صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏني. هن چ يني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ پنهنجون صنعتون قائم ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ٽو جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪ??ي رهيا آهيون، منهنجي چين جي ايندڙ دوري جو محور سي پيڪ ٽو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ هوندو. وزيراعظم چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي خوشي ۽ اطمينان جو سبب آهي، چين جهڙي طرح 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي برامدات کي چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جا خواهشمند آهيون، پ??ڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم وفد کي آگاهه ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ ليڪجز جو خاتمو ۽ بجلي جي چوري جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، رياستي ملڪيي ادارن جي نجڪاري ڪ??ي پئي وڃي جنهن سان قومي خزاني کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيني ڪمپنين جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪ??ائي. ملاقات ۾ پاڪستان چين جي سي سي جي حوالي سان منص??با??ندي واري وفاقي وزير احسن اقبال بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي ۾ لائين ون جي اپ گريڊيشن، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ، خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، گوادر بندرگاهه ۽ ايگري ڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز سي پيڪ جا ترجيحي منصوبا هوندا. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر ??رار ڏنو. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ پنهنجي ڪ??ر??با?? ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منص??با??ندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرووزير سيد محسن رضا نقوي، پ??ور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، پ??ڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.