اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز ج?? لاءِ ڪابينا ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي اڪلائيندي. ڪابينا ??ويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ??ميٽي (سي سي او اي?? او ايز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (اي?? او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ?? اي?? او ايز ج?? بورڊز ۾ مقررين بابت معاملن?? اي?? او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ?? اي?? او ايز ج?? مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ?? اي?? او ايز ج?? لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز ج?? تجويز ۽ ڪابينا ??ي سفارش ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ اي?? او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته مي??برن ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن مي??بر هوندو.