اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??ي نئي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) ڇنڇر تي منعقد ٿيندي. پارليامنٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي چونڊيل ميمبر صبح 10 وڳي کان ??ام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران ??تحاد جو اميدوار اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪونسل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جو نامزد اميدوار محمود خان ??چڪزئي وچ ۾ مقابلو آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارليامنٽ هائوس ۾ اسيمبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي ??اءِ شماري جي بنياد تي ٿيندو جتي سينيٽ، قومي اسيمبلي، بلوچستان ??سيمبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي انگ کي بلوچستان ??سمبلي جي برابر ووٽن ۾ ورهائي شرح ڪڍي ويندي. صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ??يڊول پهرين مارچ تي جاري ڪيو ويو هو جنهن مطابق نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 مارچ، نامزدگي ڪاغذن جي واپسي 5 مارچ جڏهن ته ريٽائرمنٽ جي تاريخ 6 مارچ مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي چيو آهي ??ه اهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان ??ڳ لاڳاپيل ايو??ن يا اسيمبلي جي ميمبرن مان هڪ هڪ پولنگ ايجنٽ نامزد ڪري سگهن ٿا جيڪو پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪندو.