اسلام آباد ?? 13 ??? مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي، پاڪستان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند اهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزيرا??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي. وزيرا??ظم صدر شي جن پنگ ۽ وزيرا??ظم لي ڪيانگ جا سندس ٻيهر چونڊجڻ ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيني قيادت جي گرمج??شي جي جذبن جو گرمج??شي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي تعاون ۽ عزم کي ساراهيو. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس حڪومت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي. هن زور ڏنو ته پاڪستان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزيرا??ظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل (ايس آئي ايف سي) سندس گذريل حڪومت جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي ته جيئن ترجيحي شعبن بشمول زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ تمام گهڻو من??فع?? ڏيندڙ موقعا ڳولي سگهن ٿيون. چيني سفير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته چيني قيادت ۽ حڪومت پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ان سلسلي ۾ هن وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي جلد کان جلد چين جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. دعوت قبول ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته هو اهو دورو گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ڪندو جنهن تي سفارتي ذريعن سان ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، وزيرا??ظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري موجود هئا.