اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوص?? ا??لچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن افغانستان ??ان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان ??وجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري ??ان فعال طور شامل ٿيڻ جي ا??ان جي ڪوششن جو حصو آهي.