اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته باباءِ قوم جي ڏنل بنيادي اصولن ۾ ئي ترقي جو راز لڪ?? آهي، قا??داعظم سدائين قانون جي حڪمراني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکندو هو، سندس تعليم تي عمل ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان جي مشڪلاتن جو حل به جمهوريت، ڳالهين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن جي ٻارن جي وچ ۾ قا??د جي ڏهاڙي تي منعقد تقريري مقابلي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ موجود هئي. مرتضيٰ سولنگي قا??داعظم محمد علي جناح جي حوالي سان اسڪولن جي ٻارن جي تقريرن کي ساراهيندي چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح جي ڪري هي ملڪ ٺهيو، اڄ اسان ان جي ڪري ئي هتي موجود آهيون. هن چيو ته تاريخ ڏسون ته قا??داعظم جي ڪيترين ئي تعليم تي اسان عمل نه ڪيو پر اڄ به اسان کي يقين آهي ته قا??داعظم جي ب??يادي اصولن تي عمل ڪري ئي اسان مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح سدائين قانون جي حڪمراني تي يقين رکيو، قانون تي عمل ڪندي پرامن طريقي سان اختلاف ڪرڻ محمد علي جناح جي سياست جو بنيادي اصول هو. هن چيو ته اڄ جي سياست ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اختلاف آهن پر قانونن تي عملدرآمد جي ذريعي ب??تري جو امڪان موجود هوندو آهي. هن چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي آئين ساز اسيمبلي جي تقرير اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قا??داعظم سدائين پرامن سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت تي يقين رکندو هو. هن چيو ته اڄ مشڪل مسئلن جو حل رڳو پرامن سياسي جدوجهد سان ئي نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 76 سالا تاريخ مان اسان اهو ئي سکيو آهي ته هي ملڪ هڪ مضبوط وفاقي جمهوريت سان ئي اڳتي هلي سگهي ٿو، اسان جو آئين وفاقي جمهوريت تي ٻڌ?? آهي ۽ انهي ۾ مشڪلاتن جو حل موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکي?? آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. موجوده نگران حڪومت به آئين جي آرٽيڪل 224 جي پيداوار آهي، خميس 8 فيبروري 2024ع تي جڏهن چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف روان دوان ٿيندو. هن چيو ته اسان جي مشڪلاتن جو حل جمهوريت، ڳالهين، قانون جي حڪمراني آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريري مقابلي جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. تقريري مقابلي ۾ فيڊرل ائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن مان 10 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو جن قا??داعظم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي قا??د جي فڪر ۽ نظرين تي روشني وڌي. تقريري مقابلي جو عنوان ”موجوده دور جا مسئلا ۽ قا??داعظم جو پيغام“ هو. تقريب ۾ بهترين تقرير تي پهرين پوزيشن اسلام آباد ماڊل ڪاليج جي نا??ين فور جي نا??ين ڪلاس جي شاگردياڻي ايمن فرحان، ٻي پوزيشن اسلام آباد درڪالا جي ماڊل اسڪول جي نا??ين ڪلاس جي شاگردياڻي سُندس فاروق جڏهن ته ٽئين پوزيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول همڪ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي فيروزه بي ب?? حاصل ڪئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران قا??داعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ۽ ڊائريڪٽوريٽ پاران ٺاهيل ملي نغمو پڻ پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ قا??داعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.