اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ?? شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وزير ايهود ??نت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان ??و قومي بيانيو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم گلوبل اسٽ??ڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ڪوپ – 28 جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان تقريب ?? شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وزيراعظم عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻ??ئڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.