ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور (ايس پي سي سي) جي پارٽي سيڪريٽري لي يفئي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب پا??ستان جي لاءِ چيني عوام جي گرمجوشي وارن ج??بن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم پا??ستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڀرپور حمايت تي سي پي سي جي قيادت جا ٿورا مڃيا. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط عزم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سي پيڪ جي آغاز جي نقط?? طور سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن سنڪيانگ ۽ پا??ستان جي پا??يسري علائقن جي وچ ۾ واپار، ر??بطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پا??ستان سان ايڪس پي سي سي جي مضبوط اداراجاتي رابطن ۽ سنڪيانگ جي امن ۽ ترقي ۾ ان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ايڪس پي سي سي کي پا??ستان ۾ صنعتي ترقي، سياحت، زراعت ۽ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري لي يفئي چيو ته چين پا??ستان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ج??ري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڪيانگ جي خودمختيار علائقائي حڪومت خنجراب سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپار، ر??بطن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.