بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين ??ي دوستي تي فخر آهي، چين ??ان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ??ريعو آهي. چين ??ي صد?? شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيو??، چين ??ي ترقي سڀني جي لاءِ بهتري?? مثال آهي، چيني صد?? جي گ??ريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين ??ي صد?? شي جن پنگ چيو ته چين پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين ??ي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.