اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرا??ن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ سا??گار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير ي?? ڪي جو چي??رمين ۽ ميمبر پارليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير ي?? ڪي جي چي??رپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چي??رمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمب??ن کي سا??اهيو. هن وفد تي زور ڏن?? ته اهي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏن??. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ سا??اهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.