اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما فنانس فنڊ جيڪو فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي 2018ع تحت قائم ٿيو، جنهن جو مقصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم سازن جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي هاڻي مختلف ما??ياتي ذريعن، گرانٽس ۽ قرضن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ جي فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊ??ا اينڊ پبلي ڪيشنز ۾ ٿيو. واضح رهي ته رولز جي اعلان کانپوءِ فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ جو قيام 5 آگسٽ 2023ع تي ٿيو. ڄاڻايل فنڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي مد ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته اطلاعات و??ري وزارت ان فنڊ جي انتظام جي لاءِ هڪ فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پڻ اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ فلمي صنعت جا ميمبر پڻ شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي 13 هين شيڊيول ۾ فنڊ کي شامل ڪرڻ جي لاءِ وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. ان فنڊ ۾ حصو وجهندڙن کي اهڙي طرح ٽيڪس رعايت ڏني ويندي جهڙي طرح ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) جي دائري ۾ ايندڙ ڪمپنين کي ڏني و??ي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊ??ا اينڊ پبلي ڪيشنز جي ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين انفارميشن و??ري سيڪريٽري جا ٿورا مڃيندي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي معاملن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وزارت، ايف پي سي سي آئي ما?? فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي عهدي جي لحاظ سان ميمبرن سميت فلمي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن بشمول پي ايف پي اي چيئرمين، ذوالفقار احمد ما??ا، نديم ما??ڊوي والا، شهزاد رفيق، سيد نور، ستيش آنند، اعجاز گل، بلال لاشاري، واسع چوڌري، ڪامران جاويد، سرمد کوسٽ، بدر اڪرام ۽ عرفان ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:58