لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس ??يلاني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس ??وران برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي و??ير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شع??ي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تبد??لي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس ??يلاني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.