اس??ام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آه??، انه?? جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آه??، پاڪستان جو مستقبل روشن آه?? ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسا?? جي مستقبل جا معمار آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انه?? جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آه??، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينه?? جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستا?? جي شهيدن، بهادر ج??انن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستا?? جي دفاع لاءِ سرحدن تي پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انه?? جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سمورن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح حاصل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو.