اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳ??له?? هن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مرتضيٰ س??لنگي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ س??لنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مرتضيٰ س??لنگي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.