ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ??ي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دست??ير خان ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر ڊا??ٽر خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا.