اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ پنهنجي صدارت ۾ اسٽيٽ اونڊ ان??رپرائيز ۾ جاري سڌارن بابت اڳڀرائي جي جائزه اجلاس دوران ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ادارن بشمول ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي جا انگ اکر پيش ڪرڻ سان گڏ??گڏ جاري سڌارن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي معيار موجب ادارن جي بهتري ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??ي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ اونڊ ان??رپرائيز ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، جديد نظام ۽ بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ ان??ن ادارن جي بورڊ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته خدمتن جي آئوٽ سورسنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شفافيت جي عنصر کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي، حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي. هن هدايت ڪئي ته قومي خزاني کي خساري سان نقصان پهچائيندڙ ادارن جي اصلاح کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعل??ٰ عملدارن شرڪت ڪئي.