مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ميڊيا بابت وزير سلمان بن يوسف الدوساري گذريل ڏينهن ??ج 2023ع جي ڪوريج لاءِ قائم پريس آپريشن روم جو دورو ڪيو ۽ اتي سمورن معاملن جو جائزو ورتو ته جيئن حج جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي ڪم کي آسان بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ميڊيا بابت وزير کي پريس آپريشن روم جي خدمتن ۽ ڪم جي طريقيڪار کي بريفنگ ڏني وئي. هن ورچوئل پريس سينٽر ۾ ڪم جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جيڪو هن ??ال جي حج سيزن جي ڪوريج ڪندڙ 1100 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي صحافين کي ويڊيوز ۽ تصويرن سميت ميڊيا سروسز فراهم ڪندو آهي. پنهنجي آغاز کان وٺي وي پي سي صحافين کي 1500 کان وڌيڪ پريس مواد جي دستيابي کي يقيني بڻايو آهي ۽ سومر کان شروع ٿيل حج جي 3 ڏينهن ??ائين پنجن ٻولين ۾ حج پريس ڪانفرنس به نشر ڪندو. ميڊيا بابت وزير ايس پي اي ??ي پريس آپريشن روم جو به د??رو ڪيو جنهن ??ريعي مقدس هنڌن تي فيلڊ رپورٽرن سان نگراني ۽ هم آهنگي برقرار رکي ويندي آهي، اهو آپريشن روم منيٰ، عرفات ۽ ٻين مقدس هنڌن تي ايس پي اي ??ي قائم ڪيل چئن ٻين ميڊيا مرڪزن مان هڪ آهي، جيڪو عالمي خابرو ايجنسين ک?? به سپورٽ ڪندو آهي. سعودي وزير کي ايس پي اي ??ي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني وئي. هن ??ج سيزن کي ڪور ڪندڙ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي ميڊيا رابطيڪار آفيسرن سان به ملاقات ڪئي. هن ??رفات ۾ ميڊيا واري وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ڪم ۽ سالياني حج کي ڪور ڪرڻ ۾ استعمال هيٺ ٽيڪنالاجي جو به جائزو ورتو. ان بعد هن ??مرات پل تي واقع سعودي براڊڪاسٽنگ اٿارٽي جي اسٽوڊيوز جو به د??رو ڪيو ۽ کيس حج جي رڪنن جي ڪوريج ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني وئي. هن ??رفات م ايس پي اي ??ي ميڊيا سينٽر جو به د??رو ڪيو جيڪو ا?? هنڌ صحافين ۽ عالمي ميڊيا شراڪتدارن کي ڪم ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري تيارين سان ليس آهي. ميڊيا بابت وزير ان بعد منيٰ ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو. هن وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز جي اندر عالمي صحافين لاءِ مختص ميڊيا سينٽر جو به د??رو ڪيو جتي هن ڪوريج ڪندڙ ڪيترن ئي صحافين سان پڻ ملاقات ڪئي. ميڊيا بابت وزير وزارت جي سمورن ملازمن ۽ ان سان واڳيل اختيارين سان ٿورا مڃيا جيڪي حج جي سيزن جي ڪوريج ۾ حصو وٺندا آهن ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان حاجين جي خدمت ۽ حج جي سفر ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ اثرائتن قدمن کي اجاگر ڪيو.