پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪ??دي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪ??، 9 مئي تي باهه لڳائيند?? پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائي??دي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي ??حاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي ??اڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لا??ِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ??ي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪ??. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.