اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ا??ما??وئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو م??قعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي تب??يل?? جي ايجنڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو م??ابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو م??صد ايندڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تب??يل??ن سان سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ ک??ن وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو م??قف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.