اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪس??ان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي، اهو منصوبو نه رڳو پاڪس??ان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان ترڪمانستان جي اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بائيف جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. دورو ڪندڙ ترڪمانستان جي وفد ۾ توانائي جي نائب وزير اناجيلدي سپاروف، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بي او ڊي جي چيئرمين، ٽي پي سي ايل محمد ميرات امانوف کانسواءِ پاڪس??ان ۾ ترڪمانستان جو سفير عطا جان مولاموف پڻ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪ??دي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته پاڪس??ان ترڪمانستان جي توانائي جي ڀرپور ذخيرن تائين فوري پهچ جو گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جو ذڪر ڪ??دي وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪس??ان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته تاپي پاڪس??ان جي توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن جي ويزن جو هڪ اهم جز آهي جيڪو نه رڳو پاڪس??ان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. هن منصوبي تي جلد عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي??دي ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جي مختلف حصن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ، وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان کي پاڪس??ان پاران فوڪل پرسن نامزد ڪيو هو سينيئر ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. بعد ۾ وزيراعظم تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي (جي آئي پي) جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. معاهدي تي پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. جي آئي پي جو مقصد تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم کي تيز ڪرڻ آهي. تاپي پائيپ لائين منصوبي جومقصد 1814 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جي ذريعي ترڪمانستان سان قدرتي گئس کي افغانستان، پاڪس??ان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي جنهن ۾ ساليانو 33 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس جي چرپر جي گنجائش آهي. فعال ٿيڻ کانپوءِ تاپي منصوبو علائقائي توانائي جي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.