اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو ??لسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورس راجوڙي، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته راجوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت ج?? غيرقانوني قبصي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪ??ن ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.