اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بل??ار??ه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بل??ار??ه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سم??ر?? رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بل??ار??ه بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بل??ار??ه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بل??ار??ه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سم??ت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پ?? زور ڏنو.