اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي تعليم ئي بهترين مستقبل جي ضمانت آهي، چونڊيل جمهوري نمائند?? کي تعليم جي فراهمي کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، تعليم جي فروغ جي لاءِ سسرندي وار?? کي به ??يدان ۾ اچڻ گهرجي، عورت?? کي بااختيار بڻائڻ موجوده دور ۾ ترقي جي لاءِ ??از??ي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”تعليم کان محروم ٻار، چئلينجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو) جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز (پيپس) پاڪستان ٽيچرز فورم جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته علم جو فروغ ڪنهن به ??عاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي، تعليم جو شعبو خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربي?? تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا، تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري کي به ??نهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ”آئوٽ آف اسڪول چلڊرن“ مان 10 سيڪڙو جو تعلق پاڪستان سان آهي جيڪو خوفناڪ آهي، ملڪ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي. صدر نوجوان?? کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائي پاڪستا?? کي اقتصادي طور تي مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان مان ڊاڪٽر ۽ انجنيئرز وڏي انگ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا، اسا?? کي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪرڻ گهرجي، اسڪولن کان ٻاهر ٻار?? کي به تعليم جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم ۽ اسڪل اسٽيٽس کانسواءِ ايس ايم ايز ۽ فيصلاسازي جي عمل تي ڌيان ڏيڻ ۽ ا?? کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ابتڙ خطي جي ٻين ملڪن پرائمري تعليم تي پنهنجو ڀرپور ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهي تعليم جي شعبي کانسواءِ اقتصادي ترقي ۾ به اڳتي وڌي ويا آهن. هن چيو ته خطي جي ڪجهه ملڪن پرائمري جي تعليم ۾ 98 کان 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته بنگلاديش ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست ۽ عورت?? کي بااختيار بڻائي ترقي ڪئي آهي، اسا?? کي پنهنجي ترجيح?? کي صحيح ڪرڻو پوندو، اسلام ۾ عورت?? کي وراثت جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسا?? کي انه?? کي ڪاروبار ۾ به عورت?? کي شامل ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته ٻارن جي تعليم جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، تعليم ۽ ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ فيصلاسازي کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏئي 10 سالن ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اسا?? کي ڀرپور قدم کڻڻا پوندا جنهن ۾ نيشنل ٽيچنگ ڪور جو قيام، اسڪولن کانسواءِ مسجدن ۽ ٻين جاين تي ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست ڪرڻ، استادن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن جي لاءِ اسڪولن ۾ کاڌي جو انتظام ڪرڻ به شامل آهي جڏهن ته اسا?? کي تعليم جي فروغ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي به استعمال ۾ آڻڻو پوندو. صدر چيو ته اسان تعليم نه ڏئي وڏي انگ لائق ٻار?? کي محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪريون ٿا، معاشري جي محروم ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻار?? کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ معاشري جي سرندي وارن ۽ پڙهيل لکيل ماڻه?? کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ پيپز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي انه?? کي اداري جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه خطاب ڪندي چيو ته تعليم ۽ معيشت جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، پاڪستان ماضي ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان انهن شعبن ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪافي پٺتي آهي. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو گهڻو تعداد ڳوٺاڻي علائقن سان تعلق رکي ٿو جن ۾ ٻارڙين جو انگ وڌيڪ آهي. پاڪستان ٽيچرز فورم جي چيئرپرسن سينيٽر فوزيه ارشد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيچرز فورم ان اهم مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترائي ملڪي ۽ عالمي ادارا به تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ 8 کان 16 سالن جي عمر جا 22.8 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن جي تعليم جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ مهم جي شروعات وفاقي گادي واري شهر مان ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ جيڪا، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻيا ادارا تعاون ڪري رهيا آهن.