اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊ??ڪٽر علامه محم?? اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محم?? اقبال خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم عظيم شاعر ۽ مفڪر ڊ??ڪٽر علامه محم?? اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ??ري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به و??يڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.