اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪيترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪار??وا??ن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن واپسي جي درخواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وطن واپسي جي خاطري ڪرائي. ت??جم??ن موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪس??ان?? هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ اسلام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وطن واپسي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت ڪمي??ي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.