اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي انفارميشن سينٽر ?? (اڄ) سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظرثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبي 2022ع جي جاري ڪرڻ ??ابت بريفنگ ڏني ويندي جنهن جو انتظام يو اين پاڪستان ڪيو آهي. بريفنگ ۾ سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس پلان 2022ع بابت تفصيلي آگاهي ڏني ويندي. گڏيل قومون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن جي بهالي لاءِ نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبو جنيوا ۾ جاري ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ نظرثاني ٿيل اپيل تي توجهه ڏني ويندي جنهن جي شروعات جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ وقتي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر ?? خ??را?? جي عالمي اداري جو نمائندو ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪرس ڪائي، گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو فيلڪس اومونو ۽ ٻيا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.