گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) تي زور ڏنو آهي ته اها گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائندو يا فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي لاءِ رجوع ڪري ڇو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور تي يورپ ۾ اسلامو فوبيا ڳڻتي ??وڳ?? حد تائين پهچي چڪو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي فريم ورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجن کي ا??ارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي يورپ ۾ مسلمانن جي خراب حالت بابت رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي ??وڳ?? ڳالهه اها آهي ته اسلامو فوبيا يورپ ۾ سياسي شعبن ۾ شدت سان گونجي رهيو آهي جيڪو آخرڪ??ر قانونسازي ۽ پاليسين جهڙن امتيازن امتيازي سفري پابندين ۽ ويزا پابندين جي ذريعي اسلامو فوبيا کي اداراجاتي بڻائي ٿو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ملڪن پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل تاريخي قرارداد کي منظور ڪيو هو جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. ان قرارداد سان پيدا ٿيندڙ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ اهڙي طرح جي اسلامو فوبيا جي هڪ بدترين شڪل هندوتوا کان متاثر ڀارت ۾ آهي. هن چيو ته مسلمانن جي خلاف نفرت جي نظريي تي عمل پيرا ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي – آر ايس ايس جي حڪومت پنهنجي صديون پراڻي منصوبي تي عمل پيرا آهي، ان جو مقصد ڀارت جي اسلامي ميراث کي ختم ڪرڻ ۽ ڀارت کي هڪ خصوصي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسلامو فوبيا جو صنفي رخ به نمايان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مسلمان ڇوڪرين ۽ عورتن کي ا??هن جي لباس جي انداز ۽ عام تصور جي ڪري نشانو بڻايو وڃي ٿو ته مسلمان عورتون مظلوم آهن ۽ انهن جي لاءِ انهن کي ”آزاد“ هجڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته او آءِ سي کي يورپ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ امتيازي سلوڪ ۽ نفرت انگيز ڏوهن جي اهڙن واقعن جي نگراني جي لاءِ او آءِ سي جائزه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ ڪائونسل آف يورپ جي انساني حقن جي ڪمشنر کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي مسلمانن جي خلاف مذهبي نفرت، دشمني ۽ تشدد جي ڪاررواين جي نگراني جي لاءِ مبصر مقرر ڪري جيڪو پاليسي ادارن کي باقاعدگي سان رپورٽ ڪري. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائنده يا فوڪل پرسن مقرر ڪري. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي فريمورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجز کي ا??ارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن.