نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي و??و. گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستان جي م??تق??ل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عائشه علي ۽ گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستاني مشن ۽ قونصليٽ جنرل جي عملدارن پرڏيهي وزير جو ا??تق??ال ڪيو. اجلاس ۾ سڄي دنيا مان اٽڪل 140 اڳواڻ شريڪ ٿيندا. واضح رهي ته پرڏيهي وزير ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ آچر جي صبح واشنگٽن پهتو هو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اجلاس ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني ڪوآرڊينيشن اجلاس جي صدارت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون، ٿنڪ ٽينڪ کي خط??ب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.