ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ??ري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻي??ه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ ??بي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ??ردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊي??ل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل ??بي امداد فراهم ??رڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ ر??ائ?? جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊي??ل ٽيمن 1389 مريضن جو ??بي معائنو به ڪيو آهي.